اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي غربت جي خ??تم?? ۽ ملڪ جي معاشي ترقي جي لاءِ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته معاشري جي ڪمزور طبقن طرف ڀرپور ڌيان ڏيڻ گهرجي، احساس فلاحي پروگرام غريبن کي ريليف ڏيڻ جو هڪ سٺو مثال آهي جنهن ۾ غريبن کي ريليف فراهم ڪيو ويو، ان پروگرام تحت ٽيڪنالاجي جي استعمال سان مستحقين ۾ رقم جي شفاف ورڇ ۾ مدد ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر اسلام آباد ۾ احساس پروگرام کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ٺاهيل ”احساس 2047ع ڊاڪيومينٽري“ جاري ڪرڻ جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ پارليامينٽ ميمبرن، سفارتڪارن، مختلف سماجي ۽ فلاحي تنظيمن سان واڳيل اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر ??يو ته معاشري جي ڪمزور طبقن جي حالت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. صدر احساس پروگرام تحت ٻارن کي تعليمي وظيفا ۽ عورتن کي قرض فراهم ڪرڻ جي خصوصي قدمن کي ساراهيو. هن ??يو ته اهو يقينن عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ هڪ ساراهه جوڳو قدم آهي. هن ان ڏس ۾ پروگرام جي لاءِ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏيڻ تي سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر کي خراج تحسين پيش ڪندي ??يو ته احساس پروگرام مان سکي سگهجي ٿو ۽ ان سان غربت گهٽتائي ڪري سگهجي ٿي. صدر ??يو ته ماڻهن جي صحت ۽ تعليم حڪومت جي ذميواري آهي، پاڪستان جي عوام دنيا جي انهن ملڪن ۾ سرفهرست آهي جيڪي خيرات ڪن ٿا. هن ??يو ته احساس جا مختلف پروگرام اسلام جي فلاحي رياست جي جذبي تحت ٺاهيا ويا جن جو مقصد غربت جي خ??تم?? ۾ مدد ڪرڻ آهي. هن ??يو ته اهڙي قسم جا پروگرام جاري رهڻ گهرجن، اهڙي قسم جي پروگرامن ۾ اهم مقصد چوري کي روڪڻ هو. ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته ملڪ جي ترقي ۽ غربت جو خ??تم?? ڪرڻ جي لاءِ اسان کي عورتن کي معاشي طور تي مضبوط ۽ بااختيار بڻائڻو پوندو. صدر عورتن کي تعليم يافته ۽ هنرمند بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو ته عوامي صحت ۽ تعليم جي شعبي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم لازمي آهن. هن ??يو ته اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي ڌ??ان ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، خطي جي ٻين ملڪن تعليم جي شعبي تي ڌ??ان ڏنو پر پاڪستان ۾ ان ڏس ۾ انگ اکر مايوس ڪندڙ آهن. صدر ??يو ته اسلام عورتن کي وراثت ۽ ٻيا حق ڏنا آهن ۽ معاشري کي عورتن جي انهن حقن کان محروم نه ڪرڻ گهرجي. صدر ??يو ته معاشري جي محروم طبقن جي حالت سڌارڻ جي ضرورت آهي. هن ??يو ته صوبا پنهنجي آمدني جو 25 کان 30 سيڪڙو حصو تعليم تي خرچ ڪري رهيا آهن پر ان جي باوجود وڏي انگ ۾ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، اڄ به ملڪ جا 22 ملين کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. صدر ??يو ته پاڪستان ڪورونا جي وبا دوران ٻين ملڪن جي ابتڙ ڪامياب حڪمت عملي اختيار ڪئي جڏهن ته احساس پروگرام ۾ جن شين تي ڌ??ان ڏنو ويو ان ۾ ڪرپشن تي ضابطو آڻڻ شامل آهي. ان کان اڳ شرڪت ڪندڙن کي هڪ دستاويزي فلم ڏيکاري وئي جنهن ۾ پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي غربت جي خ??تم?? جي پروگرام جي معاشري جي ڪمزور طبقي تي مثبت اثرن کي بيان ڪيو ويو. ”احساس 2047ع ڊاڪيومينٽري“ پاڪستان جي 100 هين سالگرهه تائين ”سڀني جي لاءِ سماجي تحفظ“ جي هدف جي لاءِ تيار ڪئي وئي آهي. احساس پروگرام جي 2019ع ۾ شروع ٿيڻ کانپوءِ احساس ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ اثرانگيز منصوبن مان هڪ بڻجي ويو آهي جنهن لکين ماڻهن تائين 16 پروگرام فراهم ڪيا آهن. ان پروگرام تحت ڪورونا وبا دوران روڪ رقم جي منتقلي، صحت جي تحفظ، انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپس، روزگار جي لاءِ روڪ رقم جي فراهمي، عارضي رهائش، غذائيت جي پئڪيجز، مالي شموليت کي فروغ ڏيڻ جا قدم ۽ ٻيا ڪيترائي پروگرام شامل آهن. ان کان اڳ غربت جي خ??تم?? واري پروگرام ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر صدر ۽ تقريب جي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪئي. هن ??يو ته احساس پروگرام کي معاشري جي ڪمزور طبقن جي حالت سڌارڻ جي لاءِ شفاف بنيادن تي اڳتي وڌايو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ خاتون اول معاشري جي ڪمزور طبقن ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ ڀرپور طريقي تي ڪم ڪيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته موجوده حڪومت ان پروگرام کي اڳتي وڌائيندي.