اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان فرانس جو دورو ڪندو، جتي هو اڄ جمعي ڏينهن پيرس ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جي 14 هين دور جي سلسلي ۾ پنهنجي فرانسيسي هم منصب سان م??اق??ت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز ز??ره بلوچ اسلام آباد ۾ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته دوري دوران پرڏيهي سيڪريٽري پاڪستان ۽ فرانس ??ي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي روڊ ميپ تي به صحيحون ڪندا.