لاهور – 27 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي يون??ور??ٽين ۽ اعليٰ تعليمي ادارن تي زور ڏنو آ??ي ته اهي قومي ۽ معتبر عالمي يون??ور??ٽين سان بامعنيٰ ۽ عملي رابطو قائم ڪندي هڪ ٻئي جي بهترين طرز عمل، تجربن ۽ تحقيقي صلاحيتن مان فائدو کڻن، تعليم يافته ۽ هنرمند افرادي قوت جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ روايتي تعليمي ذريعي سان گڏوگڏ هائبرڊ ۽ آن لائين تدريسي طريقيڪار کي پڻ استعمال ۾ آڻڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور يون??ور??ٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز (لمز) جي دوري دوران ايڊوائيزري بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. لمز جي پرو چانسلر عبدالرزاق دائود، ريڪٽر شاهد حسين، وائيس چانسلر ڊاڪٽر ارشد احمد، بورڊ آف ٽرسٽيز ۽ ايڊوائيزري بورڊ جي ميمبرن ۽ يون??ور??ٽي جي سينيئر قيادت اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر يون??ور??ٽين ۽ اعليٰ تعليمي ادارن تي زور ڏنو ته اهي قومي ۽ ناليوارين ۽ معتبر عالمي يون??ور??ٽين سان بامعنيٰ ۽ عملي رابطو قائم ڪن، يون??ور??ٽين کي هڪ ٻئي جي بهترين طرز عمل، تجربن ۽ تحقيقي صلاحيتن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چ??و ته ملڪي يون??ور??ٽين کي تعليم، تحقيق ۽ ترقي جي ميدان ۾ مسلسل ٿيندڙ اڳڀرائين سان هم آهنگ رهڻو پوندو جڏهن ته پاليسي ۽ فيصلاسازن، ريگيوليٽري ادارن ۽ بيوروڪريسي کي جدت ۽ ترقي جي خلاف پنهنجي روايتي مزاحمت تي ضابطو آڻڻ گهرجي. صدر چ??و ته پاڪستان کي جد??د ۽ ترقي يافته ملڪ بڻائڻ جي لاءِ فوري ۽ وقت سر فيصلا ڪرڻ ۽ انهن تي مقرر وقت تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، يون??ور??ٽيون نئين ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز کي نصاب سان ڳنڍين، هنرمند معياري گريجوئيٽس تيار ڪن جيڪي جد??د دنيا جي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي قابل هجن. صدر چ??و ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ايجادن ۽ بهتري علم ۽ معلومات جي رواني پيدا ڪئي جڏهن ته معلومات ۾ اضافي سان ياد ڪرڻ ۽ روايتي انداز ۾ رٽو لڳائڻ جي ضرورت ختم ٿي وئي آهي، يون??ور??ٽيون پنهنجي شاگردن ۾ معلومات جي بنياد تي درست فيصلاسازي، تنقيدي ۽ تجزياتي سوچ جي مهارت پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏين. هن چ??و ته يون??ور??ٽيون روايتي تعليم ذريعي کانسواءِ هائبرڊ ۽ آن لائين تدريسي طريقيڪار کي استعمال ڪن ته جيئن تعليم يافته ۽ هنرمند افرادي قوت ۾ اضافو ٿي سگهي، اهڙي طرح يون??ور??ٽين ۾ داخلائن جي خواهشمند شاگردن کي وڌ کان وڌ انگ ۾ داخلا ڏيڻ جي لاءِ يون??ور??ٽين جي صلاحيت ۽ سگهه ۾ اضافي جي ضرورت آهي. صدر چ??و ته آن لائين ۽ هائبرڊ تعليم آسان ۽ سستي آهي، ان کي آساني سان توسيع ڏئي سگهجي ٿي، آن لائين ۽ هائبرڊ تعليم فارغ ٿيندڙ شاگردن جي معيار ۽ مهارت تي ٺاهه ڪرڻ کانسواءِ ڪامياب آهي. صدر عارف علوي چ??و ته ماضي ۾ پاڪستان برين ڊرين جي ڪري معياري انساني وسيلن کان محروم ٿيو آ??ي. هن يون??ور??ٽين تي زور ڏنو ته اعليٰ تعليمي يافته ۽ قابل افرادي قوت مان فائدو کڻڻ جي لاءِ طريقيڪار ۽ ذريعا جوڙين. بعد ۾ صدر کي لمز جي قيادت اسٽريٽجڪ ترجيحن، اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ مسئلن ۽ معياري تعليم جي فراهمي ۾ لمز جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ ٻڌايو و??و ته ملڪ جي مختلف علائقن مان هيستائين 17000 کان وڌيڪ شاگرد يون??ور??ٽي مان گريجوئيشن ڪري چڪا آهن. لمز آن لائين ڪورس جي مواد جي ڪاٿي کي 25 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو منصوبو ٺاهيو آ??ي، يون??ور??ٽي ملڪ ۾ پاليسي سازي خاص طور تي توانائي جي شعبي ۾ پنهنجو حصو وڌو آ??ي. صدر کي ٻڌايو و??و ته لمز يون??ور??ٽي ملڪ کي درپيش سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي لاءِ حڪومت ۽ صنعت سان گڏجي سرگرم عمل آهي. صدر معياري اعليٰ تعليم جي فراهمي ۽ ملڪ جي تعليم يافته ۽ هنرمند افرادي قوت جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ لمز جي ڪردار کي ساراهيو.