اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ٽيليفون تي گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزي??اع??م قطر جي امير کي 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ گڏيل قومن سان گڏيل ميزباني ۾ پاڪستان بابت موسمياتي تبديلي جي اثرن جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. وزي??اع??م ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ قطر پاران فراهم ڪئي ويندڙ امداد تي قطر جي امير جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن سان ٿيندڙ نقصان سان بحالي ۽ نئين سر تعمير جو تمام وڏو چئلينجز درپيش آهي. وزي??اع??م چيو ته پاڪستان پنهنجي محدود وسيلن کي ممڪن حد تائين استعمال ڪيو آهي، متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مشڪل چئلينج کي منهن ڏيڻ ۽ مستقبل ۾ موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان بچڻ جي لاءِ مسلسل عالمي حمايت ۽ يڪجهتي جي ضرورت آهي. وزي??اع??م قطر جي امير کي فٽ بال ورلڊ ڪپ جي ڪامياب ميزباني تي مبارڪباد ڏني جنهن ??ان??ين جي عالمي مقابلن جي لاءِ هڪ نئون معيار قائم ڪيو. وزي??اع??م ۽ قطر جي امير گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن ۽ عالمي معاملن تي پڻ مختصر خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.