اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڊيل?? ميل جي معذرت مخالفن جي منهن تي چماٽ آهي، شهباز شريف تي ڪنهن به قسم جي ڪرپشن ثابت نه ٿي، معافي ڊيل?? ميل کي نه عمران خان ۽ شهزاد اڪبر کي وٺڻ گهرجي، جن ڊيوڊ روز کي ڀر ۾ ويهاري شهباز شريف جي خلاف سازش ڪئي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن ??يو ته ڊيل?? ميل جي معافي سان رڳو شهباز شريف نه پر پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام سرخرو ٿي آهي. هن ??يو ته عمران خان ۽ شهزاد اڪبر شريف خا??دا?? تي بي بنياد ۽ ڪوڙا الزام هنيا، عمران خان 2018ع ۾ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪيو. هن ??يو ته عمران خان نيب جو ريفرنس ڊيل?? ميل وارن جي حوالي ڪيو هو، عمران خان ڊيوڊ روز کي گهرائي پنهنجي ڀر ۾ ويهاري شهباز شريف جي خلاف سازش ڪئي ۽ ان کان ٽاڪ شوز ڪرايا، هي چوندا هئا ته شهباز شريف زلزلي سٽيلن جا پئسا کائي ويو، هنن ان شخص تي الزام هنيا جنهن 10 سال پنهنجي رت پگهر سان پنجاب کي ترقي ڏني. هن ??يو ته عمران خان ۽ شهزاد اڪبر ماڻهن جا پٽڪا لاٿا، انهن تي الزام هنيا، ڊيل?? ميل جيڪي الزام هنيا ان تي هي عدالت ۾ ثبوت پيش نه ڪري سگهيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شهباز شريف جي خلاف پورو ڪيس ٽرائل مان گذريو جنهن ??انپوءِ ڊيل?? ميل شهباز شريف کان غيرمشروط معافي ورتي. هن ??يو ته الله جو شڪر آهي مسلم ليگ (ن) جا سمورا اڳواڻ ڪرپشن جي ڪوڙن الزامن مان سرخرو ٿي رهيا آهن.