اسلام آباد– 14 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ملڪ ۾ چيني ڪارڪنن، منصوبن ۽ ادارن جي تح??ظ لاءِ پنهنجي ڀرپور عزم کي ورجايو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان داسو هائيڊرو پاور پر??جيڪٽ تي ڪم ڪندڙ چيني انجنيئرز تي گذريل سال دهشتگرد حملي جي فيصلي جي حوالي سان ه?? سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان لاڳاپيل عدالت جي ٻڌايل فيصلي ۽ مقامي پوليس پاران جاري ڪيل تفصيل نوٽ ڪيا آهن. ترجمان ه?? بيان ۾ چيو ته جيتوڻيڪ مخصوص سوال لاڳاپيل عملدارن کي موڪلي سگهجن ٿا پر ان معاملي ۾ فعال جاچ، استغاثه ۽ فيصلي هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم جو اظهار ڪيو آهي. ترجمان ه?? ڀيرو ٻيهر متاثرين جي گهرڀاتين سان گهري تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ چيني ڪارڪنن، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت جي لاءِ پر??زم آهيون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ چين اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي دشمن ??وتون ڪڏهن به ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن.