اسلام آب??د-07 آڪٽوبر (ا?? پي پي) قومي صحت واري وفاقي و??ير عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن لاءِ ماڻهن سان يڪجهتي ۽ سهڪار تي يونيسيف جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو، پوليو جي خاتمي لاءِ حڪومت هنگامي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. اهڙو اظهار هن يونيسيف جي ڪنٽري ڊ??ئريڪٽر عبدالله الفادل سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صحت جي شعبي سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿيون. ان موقعي تي ڊ??ڪٽر عبدالله الفادل يونيسيف طرفان ٻوڏ متاثرن کي ڏنل امداد جي باري ۾ بريفنگ پڻ ڏني. ڊاڪٽر عبدالله وفاقي و??ير کي ٻُڌايو ته يونيسيف لسٻيله، سبي، ملتان، ڊي جي خان ۾ نَوان فيلڊ آفيس سکر ۽ حيدرآباد ۾ پڻ قائم ڪيا آهن. هن ٻُڌايو ته يو اين جي سمورن ادارن 816 آمريڪي ڊ??لرن جي فليش اپيل ڪئي آهي، جتي ٻوڏ متاثرن ۽ بي گهر ٿيل ماڻهن جو هڪ وڏو حصو موجود آهي. هن وقت انهن علائقن ۾ 09 ملين آمريڪي ڊ??لر جي صحتمند شين جي فراهمي ٿي چڪي آهي. ان موقعي تي وفاقي و??ير چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ ماڻهن سان يڪجهتي ۽ تعاون تي ان جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو. ٻوڏ سبب ملڪ ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 33 ملين کان وڌيڪ آب??دي متاثر ٿي. هن چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ حڪومت هنگامي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. پوليو جي خاتمي لاءِ فرنٽ لائينز ورڪرز اسان جا هيرو آهن. عبدالقادر پٽيل چيو ته ڊيوٽي دوران فوت ٿيل صحت ۽ ٻين سيڪيورٽي و??ڪرز جي جوش ۽ جذبي ۽ قربانين کي خراب تحسين پيش ڪريان ٿو.