اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان کي ٻوڏ ۾ ٻڏل ملڪ ۽ ماڻهو نظر نه پيا اچن، اقتدار جي حوس جي پٽيءَ اکين تي ٻڌل آهي، عمران خان جو حقيقي مسئلو ذاتي انا، تڪبر، خودپسندي، اقتدار جي حوس ۽ ڪرپشن آهي، عمران خان توهان جي جيتري حيثيت آهي ايتري ڳالهه ڪريو، ”ڪئي وڃي“ ۽ ڪيو وڃي“ جو وقت ختم، عمران صاحب اڳ ۾ فيصلو ڪريو توهان جو مسئلو آهي ڇا؟ ٻاهرئين سازش؟ حقيقي آزادي؟ ال??ڪشن ڪمشنر؟ ڪرپشن جو اين آر او؟ پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عمران خان حقيقي آزادي نه پر پنهنجي حقيقي ڪرپشن تي اين آر او چاهي ٿو، ٻاهرئين ملڪ سازش نه پر پنهنجي فارن فنڊنگ جي حقيقي سازش تي اين آر او چاهي ٿو، عمران خان جو مقصد ڪا ال??ڪشن نه آهي پر پنهنجا ڪيس ختم ڪر??ئڻ آ??ي، عمران خان ڌوئنس ۽ ڌمڪي گار سان اين آر او گهري رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان فرح گوگي ۽ بشريٰ بي بي جي لاءِ اين آر او گهري رهيو آهي، عمران خان بيمار، شڪست کاڌل ذهنيت جو مالڪ ۽ ڪرپٽ انسان آهي، عمران خان ڪوڙو، انا پرست ۽ خودغرض ٻهروپيو آهي، عمران خان فارن فنڊنگ ۾ اين آر او گهري رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ال??ڪشن ڪمشنر آخر ڪهڙو گناهه ڪيو آهي؟ 8 سالن کان التوا هيٺ فارن فنڊنگ ڪيس ۾ فيصلو ئي ته ٻڌايو آهي، عمران صاحب توهان ال??ڪشن ڪمشنر کان ڪهڙي شيءَ جي گارنٽي ورتي هئي؟ عمران خان فارن فنڊنگ ۾ ال??ڪشن ڪمشنر کان اين آر او گهري رهيو هو، عمران صاحب ال??ڪشن ڪمشنر تي توهان جي ڪاوڙ آهي ڇو؟ عمران صاحب توهان کي ال??ڪشن ڪمشنر جي ڪهڙي، ڪنهن ۽ ڇو گارنٽي ڏني هئي؟ هن چيو ته عمران خان آمريڪا جي خلاف بيان بازي ڪري ٿو ۽ آمريڪي فرم سان آمريڪا ۾ لابنگ ۽ ??را??ڊنگ ڪر??ئي ٿو، لڪي لڪي ملاقاتون ڪري ٿو.