اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف صارف جي اپيل منظور ڪندي نيشنل بئنڪ آف پاڪستان کي بئنڪ فراڊ ڪيس ۾ بدانتظامي جو ذميوار قرار ڏيندي چيو آهي ته بئنڪ پنهنجي کاتيدارن جي محنت سان ڪمايل رق?? جي نگهبان ۽ امانتدار آهي، بئنڪنگ قانونن موجب ڪاررواين کي مڪمل ڪرڻ شهرين جي نه پر مئنيجر جي ذميوار?? آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف ايبٽ آباد جي رهائشي عاشق حسين جي اپيل منظور ڪندي چيو ته دوکي سان هڙپ ڪيل رق?? صارف کي منافعي سان گڏ واپس ڪئي وڃي. هن چيو ته نيشنل بئنڪ جي سينيئر انتظاميا بئنڪ بر??نچ ۾ ايماندار بئنڪ عملدار مقرر ڪرڻ ۾ ناڪام ره?? آهي. هڪ سادي ۽ اڻپڙهيل صارف کان بر??نچ مئنيجر 10 لک رپين جي رق?? فراڊ ذريعي هڙپ ڪئي هئي. محتسب پنهنجي فيصلي ۾ شهري کي رق?? جمع ڪرائيندي ڪوتاهي جو ذميوار قرار ڏنو هو، محتسب رق?? ڪيشيئر بدران مئنيجر کي جمع ڪرائڻ، رسيدن تي صحيحن جي حوالي سان ضابطيڪار جي خلاف ??رزي تي شهري کي ريليف فراهم نه ڪيو. صدر چيو ته بئنڪنگ قانونن موجب ڪاررواين کي مڪمل ڪرڻ مئنيجر جي ذميواري اهي نه وري اها شهرين جي ذميوار?? آهي، بئنڪ پنهنجي کاتيدارن جي محنت سان ڪمايل رق?? جي نگهبان ۽ امانتدار آهي، بئنڪ ۾ ديانتدار عهديدارن جي مقرري ۾ ناڪامي صارفين جي اعتماد کي ٺيس پهچايو آهي. صدر چيو ته فرض جي عدم ادائيگي سان بنا ڪنهن شڪ جي بئنڪ جي ساک کي نقصان پهتو، عملدار پاران بئنڪ بر??نچ جي اندر دوکيبازي جا ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن. هن چيو ته بئنڪ ان رق?? جي معاملي ۾ ذميواري کان آجي نه ٿي ٿي سگهي. صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي هدايت ڪئي ته نيشنل بئنڪ حڪمن تي عملدرآمد ڪري ۽ 60 ڏينهن جي اندر وفاقي محتسب کي رپورٽ جمع ڪرائي.