اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف لسٻيلا بلوچستان هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ ڪور ڪ??انڊر 12 ڪور ليفٽيننٽ جنرل س??فر??ز علي شهيد جي گهر ويو، شهيد جي لاءِ فاحه خواني ڪئي ۽ گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪ??و. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دفاع وارو وفاقي وزير خواجه آصف ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم ليفٽيننٽ جنرل س??فر??ز علي شهيد جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ ان جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪ??و. هن چيو ته اسان جا شهيد اسان جو فخر آهن، پاڪ ??وج ??ي آفيسرن ۽ جوانن هن ملڪ جي حفاظت جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ کان ڪڏهن به ناهي ڪيٻايو. هن چيو ته دهشتگردن جي خلاف جنگ هجي يا ڪا قدرتي آفت، پاڪ ??وج جا جوان ۽ آفيسر سدائين قوم جا محافظ بڻجي ميدان ۾ لٿا آهن. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم پنهنجي شهيدن جي انهن قربانين تي انهن کي خر??ج تحسين پيش ڪري ٿي. وزيراعظم ان کان اڳ 14 آگسٽ تي ميجر طلحيٰ منان شهيد جي گهر سندس گهرڀاتين سان تعزيت جي لاءِ پڻ ويو هو.