اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي جنرل سيڪريٽري شيخ عبدالمتين چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غيرقان??ني ڀارتي قدمن جي خلاف آواز اٿاريندي پاڪستان ۽ ڪش??ير جي عوام ان ڏينهن کي استحصال ڏهاڙي طور ملهائيندي، ڀارت 5 آگسٽ جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن کانپوءِ والاريل ڪش??ير ۾ مسلمانن جي آبادي جي تناسب کي تيزي ??ان تبديل ڪ??ي رهيو آهي، ان مقصد جي لاءِ والاريل علائقي ۾ ڀارتي قانون به لاڳو ڪيو ويو آهي. ڪالهه سومر ڏينهن اي پي پي ??ان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت هڪ منصوبابندي طريقي تي ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪ??ي رهيو آهي، مودي جي قيادت ۾ ڀارتي انتهاپسندن خطي جو امن داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڪش??ير تي 75 سالن کان جاري غيرقان??ني ڀارتي قبضي ۽ ڀارتي قابض فوج جي انتهائي ڏاڍ ڪشميرين جي آزادي جي جذبي کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي آهي، گڏيل قومون ڪش??ير بابت پاس ڪيل قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي. هن چيو ته ڪشميري عوام ۽ انهن جي پرعزم قيادت خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جدوجهد ۾ مصروف آهي ۽ اهي ڀارت جي غيرقان??ني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير جي آزادي جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائيندا.