اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) منشيات ج?? خاتمي واري وزارت ج?? سينئر جوائنٽ سيڪريٽري سبينو سڪندر جلال معاشري مان منشيات ج?? لعنت ج?? خاتمي لاءِ اجتماعي ڪوششن ۽ ميڊيا جي ذريعي عوام ۾ وڌ کان وڌ آگاهي پيدا ??رڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، هن اها ڳالهه انفارميشن سروس اڪيڊمي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ج?? اهتمام هيٺ منشيات ج?? استعمال ۽ اسمگلنگ جي ر??ڪٿام جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي چئي، ان موقعي تي ڊي جي انفارميشن سروس اڪيڊمي سعيد جاويد ۽ قومي خابرو اداري اي پي پي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر عديله رباب ڪاظمي به خطاب ڪيو، سيمينار ۾ انفارميشن گروپ جي زير تربيت آفيسرن منشيات ج?? روڪٿام جي حوالي سان پنهنجون پنهنجون پريزينٽيشنز ڏنيون، سبينو سڪندر جلال چيو ته انفارميشن آفيسر ميڊيا ۾ منشيات ج?? لعنت ج?? مسئلي کي اجاگر ڪندي ان جي ر??ڪٿام ۾ موثر ڪردار ادا ??ري سگهن ٿا، هن چيو ته منشيات ج?? استعمال گذريل ڪيترن ئي سالن کان اسان جي سوسائٽي جو حصو بڻجي چڪو آهي ۽ پوري دنيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ 435 بلين ڊالرز جي ماليت ج?? منشيات ج?? غير قانوني ڪاروبار ٿي ر??يو آهي جڏهن ته ترقي يافته ملڪ ان جي ر??ڪٿام لاءِ اربين ڊالر خرچ ڪري ر??يا آهن، هن چيو ته منشيات کي ر??ڪڻ جو ب??ترين طريقو اهو آهي ته ان جي طلب کي گهٽ ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ ان جي خراب اثرن جي باري ۾ آگاهي به پيدا ??ئي وڃي. هن چيو ته بدقسمتي سان هڪ پاڙيسري ملڪ ۾ افيون جي وڏي مقدار ۾ پوک ڪئي ويندي آهي، پاڪستان کي يورپي ملڪن ۾ ان جي اسمگلنگ لاءِ راهداري جي طور تي استعمال ڪيو ويندو آهي، ان ڏس ۾ پاڪستان ۾ ان جي ر??ڪٿام لاءِ 35 ايجنسين جنهن ۾ پوليس ۽ ٻيا ادارا شامل آهن کي اختيار سونپيا ويا آهن، هن شرڪت ڪندڙن کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان انفارميشن آفيسر طور منشيات ج?? روڪٿام جي حوالي سان پيغام کي ميڊيا جي ذريعي عوام تائين موثر انداز ۾ پهچائي سگهو ٿا. اي پي پي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر عديله رباب ڪاظمي جج طور فرض سرانجام ڏيندي مقابلي ۾ حصو وٺندڙن جي تقريرن جو جائزو ورتو ۽ ڪامياب ٿيندڙن جو اعلان ڪيو، هن ڪامياب ٿيندڙن کي مبارڪباد ڏيندي انهن تي زور ڏنو ته هو پنهنجي تقريرون ۾ سدائين حقيقي انگن اکرن جو حوالو ڏين، ڊي جي انفارميشن سروس اڪيڊمي سعيد جاويد چيو ته مستقبل جي ميڊيا مينيجرز جي حيثيت سان انفارميشن آفيسرن کي معاشري جي مسئلن جي باري ۾ بهتر طور تي آگاهي هجڻ گهرجي، هن خصوصي مهمان جو ٿورو ادا ??ندي مقابلي ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙن کي مبارڪباد ڏني.