اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مر??م اورنگزيب چيو آهي ته گذريل چار س??ل ملڪ تي اهڙو ٽولو مڙهيل رهيو جنهن سرڪار?? ملازمن ۽ عوام کي مهانگائي جي چڪي ۾ پيڙهيو، وزيراعظم سرڪار?? ملازمن جي مشڪلاتن کي ڏسندي انهن جي پگهار ۾ 15 سيڪڙو اضافو ۽ ايڊهاڪ رليف ضم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، اڄ بجيٽ ۾ پينشنرز لاءِ به وڏو اعلان ٻڌڻ لاءِ ملندو، مشڪل حالتن ۾ اهڙو بجيٽ پيش ڪري رهيا آهيُون جنهن ۾ ملڪ ۾ صنعت، ڪاروبار ۽ واپار کي فروغ ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار احتجاج ڪندڙ سيڪريٽريٽ ملازمن سان ملا??ات جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اڄ اتحادي حڪومت اقتدار ۾ آهي جنهن ۾ سموريون پارٽيون غريب عوام ۽ وچولي طبقي جي ڀلائي جو سوچ رهي آهي، هن چيو ته مشڪل حالتن ۾ اهڙو بجيٽ پيش ڪري رهيا آهيون جيڪو غريب ۽ وچولي طبقي لاءِ رليف جو باعث بڻجندو، بجيٽ سان ملڪ جي اندر صنعت، ڪاروبار، واپار ۽ زراعت کي فروغ ملندو، هن چيو ته ناڻي واري وزارت سرڪار?? ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو اضافي جي تجويز پيش ڪئي هي جنهن کي وزيراعظم رد ڪري ڇڏيو ۽ ڪابينا جي منظوري سان سرڪار?? ملازمن کي رليف فراهم ڪندا رهنداسين، هن چيو ته آءِ ايم ايف جي سخت شرطن جي باوجود اڄ حڪومت ۽ وزيراعظم غريب عوام جو سوچي رهيا آهن، اڄ پارليامينٽ ۾ جيڪا بجيٽ پيش ڪئي پئي وڃي ۽ اها غريب دوست بجيٽ آهي، ملڪ ۾ نظر ايندو ته مع??شي استحڪام ڪهڙي طرح پيدا ڪيو ويندو آهي، هن چيو ته 2018ع ۾ جيڪا معيشت عمران خان ک?? ملي هئي، هن ان مع??شي بدحالي ۾ بدلايو، حڪومت مشڪل مع??شي حالتن جي باوجود عمران خان جي ڏنل مهانگائي ۽ بيروزگاري کان عريب عوام کي بچايو آهي، اها بجيٽ ملڪ کي مع??شي استحڪام طرف وٺي ويندي، غريب ماڻهو کي رليف ملندو، صنعت، ڪاروبار ۽ واپار کي فروغ ملندو، هن چيو ته بجيٽ ۾ زراعت، آءِ ٽي، صنعت، فوڊ سيڪيورٽي ۽ نوجوانن لاءِ تاريخي اعلان ڪيا ويندا، هن چيو ته هاڻي اهو وقت ختم ٿي ويو آهي جڏهن سرڪار?? ملازم رستن تي هجن ۽ وزيراعظم سڪون جي ننڍ سمهي رهيو هجي، هن چيوت ه عمران خان جي نالائقي، نااهلي، چوري ۽ ڪرپشن جي ڪري اڄ ملڪ مشڪل صورتح??ل مان گذري رهيو آهي، ملڪ کي ان صورتح??ل مان ڪڍڻ لاءِ عوام ۽ڪاروباري طبقن کي حڪومت جو ساٿ ڏيڻو پوندو، وفاقي وزير چيو ته سرڪار?? ملازمن ثابت قدم رهن، حڪومت صرف ۽ صرف انهن جي ڀلائي جو سوچي رهي آهي، هن چيو ته اڄ وزيراعظم سرڪار?? ملازمن سان انهن جي ڏک ۽ تڪليف ۾ بيٺل آهي، هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ مع??شي استحڪام لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.