اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران نيشنل اميچور شارٽ فلم فيس??يو?? (NASFF – 21) جي اسڪالرشپس حاصل ڪندڙ ڪامياب نوجوانن جي مان ۾ مانجهاندي واري تقريب جو اهتمام ڪيو ويو. تقريب جو مقصد نيشنل اميچور شارٽ فلم فيس??يو?? جي اسڪالرشپس کٽيندڙ نوجوانن کي عالمي شهرت يافته فلم انسٽي??يو?? نيويارڪ فلم اڪيڊمي، آسٽريليا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ج?? لاءِ روانو ٿيڻ کان اڳ ڪاميابي کي ملهائڻ هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، ??ائ??يڪٽر جنرل ??ائ??يڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز (ڊي اي ايم پي) عمرانه وزير، ايڊيشنل سيڪريٽري مبشر توقير، ??ائ??يڪٽر (ڊي اي ايم پي) آصف الرحمان، آءِ ايس پي آر جي آفيسرن برگيڊيئر عمران نقوي ۽ ميجر احمد بٽ پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نيشنل اميچور شارٽ فلم فيس??يو?? اسڪالرشپس حاصل ڪندڙن حمزه بن افتخار، عقيده چشتي، روح الله ڪشفي، شاهه زيب علي، ثقلين عباس، حذيفه احمد، مريم نقوي، وشال ڪدواني، عرفان نور بخش ۽ حارث لطيف موجود هئا. ان موقعي تي ايفنيٽي مان صبا چوهاڻ، ميثم رضا ۽ محمد ياسر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي خطاب ڪندي اطلاعات واري سيڪريٽري نيشنل اميچور شارٽ فلم فيس??يو?? جي اسڪالرشپس حاصل ڪندڙ نوجوانن کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان جي نوجوانن ۾ وڏي صلاحيت موجود آهي. نيشنل اميچور شارٽ فلم فيس??يو?? نوجوانن کي ميڊيا سائنسز ۽ فلم سازي جي ميدان ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ ج?? لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته نيشنل اميچور شارٽ فلم فيس??يو?? پليٽ فارم پاڪستان جي نوجوانن ج?? لاءِ ان شعبي ۾ پنهنجو ڪيريئر بڻائڻ ج?? بهترين موقعو آهي. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي تحقيقي صلاحيتن ۽ مهارتن جي اظهار لاءِ اهڙن ايونٽس ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن.