اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان صاف ان??از ۾ چيو آهي ته آچر تي مُلڪ جي مستقبل جو فيصلو ٿيڻو آهي، بي اعتمادي رٿ تي راءِ شماري جو نتيجو جيڪو به نڪري، آخري بال تائين مقابلو ڪندس، استعيفا نه ڏيندس، چونڊيل جمهوري حڪومت کي ڪيرائڻ ۽ مل?? ۽ قوم جي خودمختياري جي خلاف سازش کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندس، قوم سازش ڪندڙ ۽ انهن جو ساٿ ڏيندڙن کي نه وساريندي ۽ نه ئي وري کين معاف ڪندي، ضمير فروش ۽ مل?? جو سودو ڪندڙ موجُوده دور جا مير جعفر ۽ مير صادق آهن، مل?? جي ان??ر ۽ ٻاهر موجود ڪجهه ماڻهو ۽ لنڊن ۾ ويٺل مفرور جمهوري حڪومت جي خلاف سازش جو حصو آهي، هڪ مل?? پاران ڌمڪي آميز پيغام 22 ڪروڙ عوام جي خلاف آهي، قومي سلامتي ۽ قوم جي خودداري تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو، خودداري هڪ آزاد قوم جي نشاني هوندي آهي، پاڻ کي ڪنهن جي سامهون نه جهڪندس نه قوم کي جهڪڻ ڏيندس، قوم کي غلامي ۾ نه ڌڪيندس. هن اهڙن خيالن جو اظهار ٽيلي ويزن تي قوم کي پ??هن??ي خطاب ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان جي عوام کان مل?? جي مستقبل جي باري ۾ اهم ڳالهه ڪرڻ لاءِ خطاب ڪري رهيو آهيان، ان لاءِ هن رڪارڊنگ جي بدران سڌو سنئون خطاب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هن چيو ته پاڪستان هن وقت هڪ فيصلائتي موڙ تي آهي، اسان جي سامهون ٻه رستا آهن، ٻن مان اسان کي هڪ رستي جي چونڊ ڪرڻي آهي، وزيراعظم عمران خان ڌمڪي واري خط جو ذڪر ڪندي چيو ته مون مل??ي مفاد جي لاءِ آزاداڻي پرڏيهي پاليسي جو بنياد رکيو، آزاد پرڏيهي پاليسي جو مقصد ڪنهن مل?? جي خلاف وڃڻ ن هو پر 7 مارچ تي اسان کي هڪ مل?? پاران ڌمڪي وارو پيغام مليو، بي اعتمادي رٿ جو ان مل?? جي عملدارن کي پهرين ئي پتو هو، پيغام ۾ بي اعتمادي رٿ هر صورت ۾ ڪامياب ڪرائڻ جو چيو ويو، پيغام ۾ چيو ويو ته عمران خان کانسواءِ ڪنهن سان ڪو به مسئلو نه آهي، بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو پر بي اعتمادي رٿ جي ناڪامي جي صورت ۾ سنگين نتيجن جي ڌمڪي ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته مل?? جي ان??ر ۽ ٻاهر موجود ڪجهه ماڻهو ان سازش جو حصو آهن، لنڊن ۾ ويـٺل مفرور ماڻهو به ان سازش جو حصو آهي، هن ٻڌايو ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڌمڪي واري خط جي معاملي تي عسڪري قيادت سميت سڀني سان تفصيلي مشاورت ٿي، وزيراعظم چيو ته پوري قوم ??رپ?? ٽولي جي سياست جو تماشو ڏي رهي آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته ماضي جي حڪمرانن قوم کي گمراهه ڪيو، پاڪستانين کي دنيا ۾ جيلن ۾ وڌو ويو، ڪنهن اڳوڻي حڪمران انهن جي آزادي جي ڳالهه نه ڪئي، ترقي يافته مل??ن ۾ قانون سڀني لاءِ برابر آهي، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ ڌار ڌار قانون آهي، وزيراعظم چيو ته شريف خاندانن مشرف دور ۾ اين آر او وٺي اربين روپين جا ڪيسز معاف ڪرايا، مون کي مخالف ڌر ۾ شامل ??رپ?? ماڻهن جي اربين روپين جو پتو آهي، ٽن ڄڻن جو ??رپ?? ٽولو ٻاهرين آقائن کي تمام گهڻو پسند آهي، ??رپ?? ٽولو خودداري جي ڳالهه نٿو ڪري سگهي انهن جا اربين روپيا ٻاهر پيا آهن، نواز ۽ زرداري دور ۾ مل?? تي 400 ڊرون حملا ٿيا، ڊرون حملن ۾ هزارين معصوم جانيون ويون. وزيراعظم وڪي ليڪس جو ذڪر ڪندي چيو ته فضل الرحمان ان وقت جي آم??يڪ?? سفير کي چيو ته موقعو ڏيو آئون به توهان جي خدمت ڪري سگهان ٿو، هن چيو ته ڊان ليڪس ۾ نواز شريف ڀارت کي فوج جي خلاف پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. وزيراعظم چيو ته آصف زرداري آمريڪا کي چوندو رهيو ته ڊرون حملن ۾ ماڻهو مرن ٿا ته مرن ڪو به فرق نٿو پوي. هن چيو ته شهباز شريف چيو ته عمران خان ايبسليوٽلي ناٽ ڇو چيو، وزيراعظم پ??هن??ي خطاب جي آغاز ۾ چيو ته هو قوم کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته سياست ۾ ڇو آيس، هن ننڍي کنڊ جي تاريخ جو حوالو ڏيندي چيو ته آئون سياست جو طالب علم رهيو آهيان، پوري دنيا جي سياست پڙهي، باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي ننڍي کنڊ ۾ وڏي اهميت هئي، سياست ۾ قائداعظم جهڙو عظيم اڳواڻ م??هن??و آئيڊل آهي، هو بيماري جي حالت ۾ به پاڪستان جو ڪيس وڙهندو رهيو، وزيراعظم چيو ته مون وٽ الله جو ڏنل سڀ ڪجهه آهي، شهرت آهي، پسئو آهي، م??هن??ا والدين هڪ غلام مل?? ۾ پيدا ٿيا پر هو مون کي آزاد مل?? ۾ پيدا ٿيڻ تي خوش قسمت قرار ڏيندا هئا. هن چيو ته خودداري هڪ آزاد قوم جي نشاني ٿيندي آهي، خوددار ماڻهو انگريزن جي غلام پسندي نه ڪندا هئا، وزيراعظم چيو ته قيام پاڪستان جو مقصد اسلامي فلاحي رياست جو قيام هو، لا اله الا الله ان??ان کي دنياوي غلامين کان آزاد ڪري ٿو، هن چيو ته سياست ۾ اچڻ جو مقصد مل?? کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ آهي، جڏهن مون سياست جي ميدان ۾ قدم رکيو ان وقت کان ان??اف، ان??انيت ۽ خودداري م??هن??ي سياسي منشور جو اهم جزو آهن، هن چيو ته سياست ۾ ضرورت بدران نظريي کي رکڻ گهرجي، مولانا رومي جو قول آهي ته ”انسان پر هجڻ جي باوجود زمين تي ريڙهيون ڇو پائيندو آهي“ وزيراعظم چيو ته پئسي جي پوڄا ڪرڻ سڀ کان وڏو شرڪ آهي، هن چيو ته الله اسان جي ان??ر بي پناهه صلاحيتون رکيون آهن، هن چيو ته اقبال جي شاهين جو تصور ان??ان جي خودداري کي اجاگر ڪندو آهي، اهي ئي قومون ترقي ڪنديون آهن جيڪي مضبوطي سان مخالف کي منهن ڏينديون آهن، اسان آسان رستي اختيار ڪري پ??هن??ي مشڪلاتن ۾ اضافو ڪيو، وزيراعظم صاف طور تي چيو ته پاڻ ڪنهن جي سامهون نه جهڪندس نه قوم کي جهڪڻ ڏيندس. خودداري جو مطلب ڪنهن قوم کي برو ڀرو چوڻو ناهي، هن چيو ته مون اوڀر ۽ اولهندي معاشرن کي چڱي ريت ڏٺو آهي، نائين اليون ۾ ڪو به پاڪستاني ملوث نه هو، اسان سدائين دهشتگردي جي خلاف رهيا آهن، اسان کي آم??يڪ?? جنگ جو حصيدار نه بڻجڻ گهربو هو، هن چيو ته 80ع جي ڏهاڪي کان پاڪستان آم??يڪ?? جنگين جو حصو بڻجندو رهيو، آم??يڪ?? جنگ جي ڪري 80 هزار پاڪستانين پاران قربان ٿيون، پاڪستان جو قبائلي علائقو مل?? جو سڀ کان پرامن علائقو هو، ان??ازو نٿو ڪري سگهجي ته آم??يڪ?? جنگ جي ڪري قبائلين تي ڇا وهيو واپريو، سادن ماڻهن کي ٻڌايو ويو ته سوويت يونين جي خلاف جنگ جهاد آهي، قبائلي عوام مل?? جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون، آم??يڪ?? جنگ ۾ ايتريون قربانيون ڏيڻ جي باوجود پاڪستان کي ڪهڙو صلو مليو؟ هن چيو ته آم??يڪ?? ڊرون حملن ۾ ڪيتريون ئي بي گناهه جانيون ويون، آئون سدائين آم??يڪ?? جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ جو مخالف رهيو آهيان، مون آم??يڪ?? جنگ جي خلاف مظاهرن ۾ ڀرپور حصو ورتو، افغان جهاد ختم ٿيندي ئي آمريڪا پاڪستان تي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون، اسان جي اڳوڻين حڪومتن آم??يڪ?? جنگ ۾ شرڪت جي ڏوهه ۾ برابر جون شريڪ رهيون.