اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) مص?? جو پرڏيهي وزير سامح شڪري اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين سيشن ۾ شرڪت جي لاءِ آچر ??ينهن اسلام آباد پ??چي ويو. سندس اچڻ تي وزيراعظم جي مذهبي هم آهنگي واري خاص نمائندي علامه طاهر محمود اشرفي سندس است??با?? ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي علامه طاهر محمود اشرفي چيو ته پاڪستان ۽ مصر ڀائراڻا لاڳاپا رکن ٿا. هن چيو ته مص?? جو پرڏيهي وزير 24 سالن کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي ۽ اسان سندس شاندار است??با?? ڪريون ٿا. خصوصي نمائندي چيو ته او آءِ سي ڪانفرنس ۾ مسلمان امت کي درپيش مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي ۽ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان مسلمان امت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۾ مدد ملندي. ان موقعي تي مصر جي پرڏيهي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان مسلمان امت جي ترقي ۾ مدد ملندي.