اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ اربع تي ڪراچي جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان اڄ ڪراچي جي دوري دوران ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قيادت سان ملاقات لاءِ بهادر آب??د ۾ واقع ??ند?? هيڊ آفيس ويندو. ان کانپوءِ وزيراعظم سنڌ صوبي ۾ پارٽي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ عوامي نمائندن، پي ٽي آءِ جي چونڊيل سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن ۽ پارٽي جي ص??با??ي ۽ ڊويزنل سطح جي قيادت سان ملاقاتون به ڪندو.