اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صا??ق سنجراڻي لاهور انارڪلي ويجهو ٿيندڙ ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پا??ان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين ڌماڪي جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙن جي بلند درجن ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. سينيٽ چيئرمين صا??ق سنجراڻي چيو ته اهڙي طرح جي تخريبي ڪاررواين سان ملڪ جي امن کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش ناڪام ٿيندي، دهشتگرد پوري انسانيت جا دشمن آهن، هن چيو ته ملڪ دشمن عنصرن کي ملڪ ۾ قرب??ني?? سان حاصل ڪيل امن سبوتاز ڪرڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته سڀئي ادارا ۽ عوام کي قوم جي حيثيت سان متحد ٿي ڪري د??شتگردي جو خاتمو ڪرڻو پوندو.