اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ??يو آهي ته صوابي ۾ پهريون ڀيرو تاريخي ترقي جي شروعات ٿي آهي جنهن جا ڏورس نتيجا ايند?? نسلن تي پوندا، صوابي جي عوامي مسئلن کان چڱي ريت آگاهه ??هيان، سمورن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنج پير صوابي ۾ عوامي ميڙ کي خطاب دوران ڪيو. هن ??يو ته موجوده حڪومت ۾ صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ سڌارن جو سلسلو جاري آهي. باچا خان ڪمپليڪس شاهه منصور کان ريفر ٽو پشاور کي ختم ڪيو ويندو ۽ عوام کي هر قسم جون صحت سهولتون پنهنجي ضلعي ۾ دستياب هونديون. اسپيڪر ??يو ته صوابي ۾ يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ اسڪولن جو ڄار وڇايو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته عوام جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو.