اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اڄ پاڪستان ۽ آسٽريليا جو مئچ ٻن وڏين ۽ مضبوط ٽيمن جي وچ ۾ مقابلو آهي، وزيراعظم کي درخواست ڪئي آهي ته جيڪڏهن اسان فائنل ۾ پهچو?? ته وزيراعظم فائنل ڏسڻ ضرور وڃي. پنهنجي وڊيو بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جهڙي طريقي سان ش??ند??ر راند جو مظاهرو ڪري ??هي آهي، اهڙي ڪارڪردگي تمام گهٽ ??هي آهي، آسٽريليا جي خلاف مئچ کٽي اسان کي فائنل ۾ نيوزيلينڊ سان سيڪيورٽي جو مسئلو ڀرپور طريقي سان حل ڪرڻو آهي، ان ل??ءِ اڄ جي مئچ کٽڻ ضروري آهي. هن چيو ته انشاءَ الله اسان اڄ جي مئچ ضرور کٽينداسين، پوري قوم پنهنجي ٽيم سان گڏ بيٺل آهي، سمورن رانديگرن وٽ سپر اسٽار بڻجڻ جو موقعو ??هي، 5 مختلف پليئرز کي مين آف مئچ جو اعزاز مليو آهي، هاڻي ڏسون ٿا ته ڇهين مئچ ۾ ڪنهن کي اهو اعزاز ملي ٿو.