اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي 15 سيپٽمبر تي ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ج??ان?? جي پوئينرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي، ??ن شهيدن کي سندن خدمتن ۽ بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر سوار محمد انتظار، سوار سلمان ۽ سوار ساجد حسين جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سوار محمد شيراز ۽ لانس دفعدار اشتياق حسين جي وارثن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر عار?? علوي نائب رسالدار عامر شڪيل ۽ سوار خرم شهزاد جي وارثن کي به ٽيليفون ڪيو. ڊاڪٽر عار?? علوي شهيدن کي سندن خدمتن ۽ بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪيو. ??ن شهيدن جي بلند درجن جي دعا ڪئي. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جي وارثن کي صبر جميل عطا فرمائي.