اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ حڪومتي سڌارن جي حوالي سان اجلاس ۾ آزاد ڪش??ير حڪومت طرفان اقتصادي ترقي ۽ روزگار جي فراهمي، غذائي تحفظ، سروس ڊليوري جي بهتري، اداره جاتي سڌارن ۽ قانون جي بالادستي لاءِ لائحه عمل جوڙيو ويو. اجلاس ۾ آزاد ڪش??ير جو وزيراعظم عبدالقيوم نيازي، ڪش??ير ۽ گلگت بلتستان مع??مل?? واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، آزاد ڪش??ير جو چيف سيڪريٽري قادر خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسر شريڪ ٿيا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آزاد ڪش??ير ۾ وڏي پئماني تي سڌارن لاءِ لائحه عمل تيار آهي جيڪو ٻن مرحلن ۾ لاڳو ڪيو ويندو، پهرين مرحلي ۾ 6 مهينن جي مدي ۾ شهرن جي صفائي سٿرائي جي نظام جي بحالي، ندي نالن جي صفائي ۽ انهن تي قبضن جو خاتمو شامل آهي. وڌيڪ تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ سڌارن، بنيادي ڍانچي جي بحالي ۽ مرمت، بجلي ۽ صاف پاڻي جي موجود نظام جي بحالي شامل آهن. ڄاڻايل لائحه عمل جي هفتيوار منصبوبابندي ڪري عملدرآمد کي مقرر ڪيل مدي ۾ يقيني بڻايو ويندو. ٻي مرحلي ۾ ڊگهي مدي وارا سڌارا شامل آهن. اقتصادي ترقي ۽ روزگار جي فراهمي لاءِ صنعتي ترقي، ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ ۽ سياحت جي فروغ لاءِ قدم کنيا ويندا. اجلاس کي وڌيڪ آگاهه ڪيو ويو ته غذائي تحفظ لاءِ لائيو اسٽ??ڪ، فلوري ڪلچر، هارٽي ڪلچر ۽ ڪچن گارڊننگ کي فروغ ڏنو ويندو. ان کانسواء?? اڻ مڪمل منصوبن کي ج??د مڪمل ڪرڻ، جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي صحت ۽ تعليم جي شعبن جي مانيٽرنگ، بجلي جي موجوده نظام ۾ بهتري، ٽيڪس جي نظام جي سڌارن ۽ قانون جي بالادستي لاءِ قدم به لائحه عمل جو حصو آهن. وزيراعظم عمران خان قانون جي بالادستي جي اهيمت تي زور ڏيندي چيو ته فلاحي رياستن ۾ ا??ير ۽ غريب لاءِ قانون هڪجهڙو هوندو آهي، وڌيڪ چيو ته سياحت جي فروغ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي جوڙي ان تي جلد عملدرآمد يقيني بنايو پيو وڃي.