اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڪوئيٽا بم ڌماڪي جي ??خت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد بلوچستان ۾ امن امان جي ??ورتحا?? خراب ڪرڻ چاهين ٿا، اهڙ??ن بزدلاڻي ڪاررواين سان اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿيندا. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ملڪ خاص طور تي بلوچستان جي ??من کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش ناڪام ٿيندي. هن چيو ته سيڪيورٽي ادارن امن امان جي ??حالي لاءِ اڻٿڪ قربانيون ڏنيون آهن، انهن جون قربانيون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي ??لاف جنگ ۾ پنهنجي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ پ??ليس اهلڪارن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي ??لد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.