ليه – 26 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته ڌاڙيلن جي خلاف ڪارروائي ۾ رينجرز پوليس جي مدد ڪندي، خواهش آهي ته هر شهري کي هيلٿ انشورنس جي سهولت حاصل هجي، دنيا جو ڪو ٻيو ملڪ ايتري وڏي سهولت نه ڏئي رهيو آهي، نيون ??سپ??الون ٺاهڻ جي لاءِ نجي شعبي جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي، شهرن جي پکيڙ تڏهن ٿيندي آهي جڏهن ڏورانهن علائقن جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو وڃي، ترقي جي عمل ۾ سڀني علائقن کي شامل ڪرڻ گهرجي، اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت سهولت ڪارڊ جي فراهمي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار، صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي، وزيرا??ظم چيو ته هو چاهي ٿو ته هر خاندان وٽ هيلٿ انشورنس هجي اڄ کان 50، 60 سال اڳ تيزي سان ترقي ڪري رهيو هو، دن??ا ۾ ڪنهن ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ ان وقت ويزا جي به ضرورت نه هئي، تڏهن برطانيه ۾ قانون سڀني لاءِ برابر هو ۽ برطانيه هڪ فلاحي رياست هئي ۽ اتي سڀني ماڻهن جو سرڪاري ??سپ??الن ۾ مفت علاج ڪيو ويندو هو. پاڪستان هڪ فلاحي رياست لاءِ قائم ڪيو ويو هو پر بدقسمتي سان اسان جو ملڪ فلاحي رياست نه بڻجي سگهيو، وزيرا??ظم چيو ته غريب ماڻهن لاءِ علاج جي مفت سهولت تمام وڏي نعمت آهي، شوڪت خانم ڪينسر ??سپ??ال به غريبن لاءِ ٺاهي آهي، ڇاڪاڻ جو ڪينسر جو علاج گهڻو مهانگو آهي، انسانيت جي ڀلائي لاءِ قدمن سان برڪت ٿيندي آهي، مديني جي رياست دنيا جي پهرين فلاحي رياست هئي، دن??ا ۾ مديني جي رياست سڀ کان وڏو انقلاب آندو. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان جي ٻارن جي اڪثريت بنيادي سهولتون نه ملڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويندي آهي، ۽ ماءُ ۽ ٻار جون فوتگيون به اسان وٽ گهڻيون ٿينديون آهن، ان ۾ گهٽتائي لاءِ ماءُ ۽ ٻار جي ??سپ??الن جو ڏورانهن علائقن ۾ قيام تمام ضروري هو، بنيادي صحت جي مرڪزن جي شمسي توانائي تي منتقلي گهڻي اهميت رکندڙ آهي.