اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مخالف ڌر پارٽين کي دعوت ڏني آهي ته اهي چونڊ سڌارن جي لاءِ اسان سان گڏجي ويهن، قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 249 ۾ گه?? ٽرن آئوٽ جي باوجود سموريون پارٽيون ڌانڌلي جو گوڙ ڪري رهيون آهن، چونڊن جي ساک رڳو ٽيڪنالاجي ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ت?? ٻڌل آهي. پنهنجي ٽو??يٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اين اي 249 ۾ ٽرن آئوٽ تمام گه?? هجڻ جي باوجود سموريون سياسي پارٽيون ڌانڌلي جو گوڙ ڪري رهيون آهن، ائين ئي ڊسڪا ۽ سينيٽ جي تازين چون??ن ۾ به ٿيو، بدقسمتي سان 1970ع کانپوءِ پاڪستان ۾ هر چون??ن ۾ ڌانڌلي جا الزام هنيا ويا جنهن سان چونڊ نتيجن جي ساک تي سوال اٿاريا ويا.