ڪراچي – 13 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيشنل ميوزيم کي جديد سهولتن موجب ترقي ڏيڻ جي لاءِ ان جي اپ گريڊيشن جو منصوبو تيار ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ميوزيم ۾ تاريخي دستاويزن کي ??حفوظ بڻائڻ جي ليبارٽري ۽ ڊيجيٽلائيزيشن سينٽر پڻ قائم ڪرڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل ميوزيم آف پاڪستان ڪراچي جي دوري دوران ڪيو. ان موقعي تي صدر کي عجائب گهر جي صورتحا?? ۽ ??ستقبل جي اپ گريڊيشن بابت بريفنگ ڏني وئي. صدر قومي عجائب گهر کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ ان کي سياحن جي لاءِ وڌيڪ پرڪشش بڻائڻ جي حوالي سان حڪومتي عزم کي ??رجايو ۽ چيو ته پاڪستان جي شاند??ر تاريخ آهي، اهو سنڌ ۽ گنڌارا جهڙين دنيا جون عظيم تهذيبون رکندڙ آهي. صدر کي ??ڌايو ويو ته 1950ع ۾ قومي عجائب گهر قائم ٿيڻ کانپوءِ هتي تاريخ کان اڳ، هڙپه، گنڌارا ۽ ٻين تهذيبن سان واڳيل 97 هزار کان وڌيڪ تاريخي دستاويزن کي ??حفوظ بڻايو ويو آهي ۽ انهن کي ??يوزيم جي 10 وڏين گيلريز ۾ نمائش جي لاءِ رکيو ويو آهي.