اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي هفتيوار ڪارڪردگي رپورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اطلاعات واري مرڪزي س??ڪريٽري پاران جاري ڪئي وئي آه??، مرڪزي ميڊيا ڊپارٽمينٽ پاران جاري تفصيلن موجب اطلاعات واري مرڪزي س??ڪريٽري جو چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان جو جنرل اسيمبلي کي خطاب گڏيل قومن جي يوٽيوب چينل تي عالمي اڳواڻن جو سڀ کان وڌيڪ ڏٺو ويندڙ خطاب بڻجي ويو آه??، ان کانسواءِ صحت واري عالمي اداري جي سربراهه جي پاڪستان پاران معيشت مستحڪم رکندي ڪورونا جي روڪٿام جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي آه??.