اسلام آباد – 21 اپريل (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??ال??ريل ڪشمير ۾ غيرانساني سياسي ۽ عسڪري ڪرفيو گذري?? 8 مهينن کان بنا ڪنهن طبي، مالي، مواصلاتي ۽ غذائي امداد جي جاري آهي، هاڻي عالمي دنيا ڪشميري عوام جي تڪليفن جو اندازو لڳائي سگهي ٿي، جن کي بدترين ڏاڍ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته حقيقت اها آهي ته نسل پرست نظريي هندوتوا جي پوئلڳ مو??ي سرڪار ان ڳالهه کي يقيني بڻايو آهي ته ان ناڪابندي دوران ڪشميري ضرورت جي بنيادي شين کان به محروم رهن.