اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان نيو اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي اي ايس ايف اهلڪارن پا??ان مسافرن سان بداخلاقي جي واقعي جو ن??ٽيس وٺندي لاڳاپيل آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. بيان موجب وزيراعظم رياض کان پشاور فلائيٽ واقعي جي عبوري رپورٽ ملڻ تي هوابازي ڊويزن کي لاڳاپيل آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي ۽ ايئرپورٽ مئنيجر طاهر سڪندر، ڊيوٽي ٽرمينل مئنيجر ظهير ۽ ملڪ اڪرم کي فوري طور تي معطل ڪرڻ سميت صورتحال کي پيشيواراڻي انداز ۾ منهن ڏيڻ ۾ ناڪامي تي ڄاڻايل آفيسرن خلاف ضابطي جي ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي.