اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان جي صدارت ۾ مهانگائي، ملاوٽ ۽ ذخيره اندوزي ڪندڙن جي خلاف قدمن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ڪالهه خميس ڏينهن ٿيو جنهن ۾ صوبن وزيراعظم کي ضروري شين جي دستيابي بابت بريفنگ ڏني، وزيراعظم عمرا?? خان صوبائي حڪومتن کي ملاوٽ ڪندڙ عنصرن جي خلاف فوري ڪارروائي، فوري طور تي پرائس مانيٽرنگ، نيشنل ڊيمانڊ اينڊ ??پل??ءِ سيل ۽ بلوچستان ۾ فوڊ ٽيسٽنگ ليبارٽري قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت ??اص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم عمرا?? خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ مهانگائي، ملاوٽ ڪندڙن ۽ ذخيره اندوزي ڪندڙن جي خلاف قدمن جو جائزو ورتو ويو.