اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته ڊگهين عمارتن جي شڪل ۾ رهائش حڪومت جي ترجيح آهي، اهڙي طرح اسان تيزي سان وڌندڙ آبادي جي رهائشي ضرورتن کي پورو ڪري سگهنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن ۽ ڊيولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ ح??يب?? وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئ??مي?? ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ ٻين لاڳاپيل سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي لاهور ۾ جاري ڪ??ڊا??ٽريل ميپنگ مشق تي بريفنگ ڏني وئي. کيس ٻڌايو ويو ته منصوبو ٽريڪ تي آهي ۽ 15 نومبر 2021ع تائين مڪمل ٿي ويندو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي لاهور جي زمين رڪارڊ کي جلد کان جلد ڊيجيٽل ڪرڻ کي مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏين ته جيئن زمين تي قبضا مافيا ۽ قبضن جي خلاف هڪ عام ماڻهو کي ريليف ملي سگهي. وزيراعظم کي هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت تحت مختلف هائوسنگ منصوبن جي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ??يو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت 86323 هائوسنگ يونٽس تعمير ڪري رهي آهي جن جي مجموعي لاڳت 463 ارب رپيا آهي، ان جي مختلف منصوبن تحت ملڪ ۾ تعميراتي سرگ??مي?? ۾ تيزي سان 200000 کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن، 2314 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جون معاشي سرگ??مي??ن پيدا ٿينديون. وزيراعظم عمران خ??ن ڳالهه ??ي ورجايو ته ڊگهين عمارتن جي شڪل ۾ عمودي رهائش حڪومت جي ترجيح آهي، اها نه رڳو تيزي سان وڌندڙ آبادي جي رهائشي ضرورتن کي پورو ڪندي پر ڊيجيٽلائيزڊ ڪ??ڊا??ٽريل ميپنگ موجب شهرن جي زمين جي موثر استعمال کي پڻ يقيني بڻائيندي.