اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) برطانوي وز??راعظم بورس جانسن وز??راعظم عمران خان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻنهي وز??راعظمن افغانستان جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران وز??راعظم عمران خان پاڪستان جي ل??ءِ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته س??ور?? افغانين جو تحفظ، سلامتي ۽ حقن جو احترام يقيني بڻائڻ انتهائي اهم آهي. وز??راعظم افغانستان ۾ هڪ ٺوس سياسي حل جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. وز??راعظم عمران خان افغانستان مان سفارتي، عالمي ادارن جي عملي ۽ ٻين ماڻهن جي نڪرڻ ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي اجاگر ڪيو. ٻنهي وز??راعظمن افغانستان ۾ تبديل ٿيندڙ صورتحال جي حوالي سان رابطن ۾ رهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ٻطرفي تناظر ۾ وز??راعظم عمران خان پاڪستان پاران ڪوويڊ 19 تي ضابطو آڻڻ جي ل??ءِ کنيل وسيع قدمن تي روشني وڌي ۽ چيو ته لاڳاپيل ڊيٽا برطانيا سان شيئر ڪئي وئي هئي. وز??راعظم بورس جانسن کان پاڪستان کي ريڊ لسٽ مان ڪڍڻ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي.