اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان جي نوٽيس وٺڻ تي ٻاهرئين ملڪ شهري کي 8 سالن کانپوءِ انصاف ملي ويو، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني سٽيزن پورٽل تي شڪايت ڪئي جنهن جو وزير??عظ?? نوٽيس ورتو، جاچ کانپوءِ وزير??عظ?? جي حڪم تي اسلام آباد لينڊ روينيو جي آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪندي ڪوآپريٽو س??سا??ٽيز اسلام آباد جي ڊپٽي رجسٽرار کي فوري طور تي عهدي تان هٽايو ويو. وزير??عظ?? ڊيليوري يونٽ پاران جاري بيان موجب ٻاهرئين ملڪ شهري جي شڪايت تي ڪارروائي ڪندي اسلام آباد سرڪل رجسٽرار آفيس جي خلاف انڪوائري ڪئي وئي ۽ ڊپٽي رجسٽرار ڪوآپريٽو کي فوري طور تي عهدي تان هٽائڻ کانسواءِ چيف ڪمشنر گهرو وزارت مان سرڪل رجسٽرار کي معطل ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي آهي، ان کانسواءِ انسپيڪٽر ڪوآپريٽو س??سا??ٽيز کي پڻ عهدي تان برطرف ڪيو ويو آهي?? ٻئي طرف لاڳايل هائوسنگ س??سا??ٽي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري بئنڪ اڪائونٽس پڻ منجمند ڪيا ??يا?? سرڪل رجسٽرار آفيس جي لاڳاپيل ڪلرڪ کي پڻ نوڪري تان برطرف ڪيو ويو آهي. وزير??عظ?? آفيس موجب ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني پلاٽ منتقلي بابت وزير??عظ?? کي شڪايت ڪئي هئي، سرڪل رجسٽرار آفيس شهري جي شڪايت تي ان جي دادرسي ڪئي جنهن تي وزير??عظ?? ڊيليوري يونٽ جي هدايت تي چيف ڪمشنر شڪايتن تي انڪوائري ڪئي، چيف ڪمشنر آفيس لاڳاپيل آفيسرن جي معطلي ۽ برطرفي جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا.