مهمند – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته اسان جي دور ۾ شروع ٿيندڙ 10 ڊيم 2028ع ۾ مڪمل ٿي ويندا، ماضي جي حڪ??متن جلد بازي ۾ معاهدا ڪري آءِ پي پيز مان پئسا ڪمايا، پاڻي، اناج ۽ ماحوليات جهڙا مسئلا ڊيمن جي تعمير سان حل ٿيندا، فوڊ سيڪيورٽي لاءِ اسان مڪمل منصوبا کڻي آيا آه??ون، ڊيمن جي تعمير مان 80 لک ايڪڙ زمين آباد ٿي سگهندي. هو مهمند ۾ مهمند ڊيم جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي خيبرپختونخوا جو وڏو وزير محمود خان، اطلاعات ۽ نشريات جو مملڪتي وزير فرخ حبيب به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته اسان لاءِ سڀني کان سستي بجلي پيدا ڪرڻ جو ذريعو ڊيم هئا پر ان طرف ڌيان نه ڏنو ويو، چين ۾ 80 هزار ننڍا وڏا ڊيمن آه??، الله اسان کي پاڻي ڏنو آه?? سڄي ملڪ ۾ ننڍا وڏا ڊيم ٺاهي سگهون ٿا، اسان ديامر ڀاشا ۽ مهمند ٻن وڏن ڊيمن سميت 10 ڊيمن تي ڪم شروع ڪيو آه??، ان مان سستي ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ٿيندا، ماحولياتي تبديلين ۾ پاڪستان سڀني کان اڳتي آه??، هن چيو ته ڊيمن مان 80 لک ايڪڙ زمين پوکي جي قابل ٿيندي، آبادي ۾ اضافي سان فوڊ سيڪيورٽي جو مسئلو آه??، ڪڻڪ ۾ پاڻڀيرو ملڪ هجڻ جي باوجود ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو سوچي به نه سگهندا هئاسين پر ڪرڻي پئي، هن چيو ته فوڊ سيڪيورٽي جي وڌيڪ ضرورت آه??، اسان دنيا کي اناج ڏئي سگهندا هئاسين اسان زراعت تي ڌيان ڏئي رهيا آه??ون، اسان جي??ڏه?? قدم نه کنيا ته مسئلا ٿيندا، اسٽيڊيم کان پشاور کي 300 گلين پاڻي ڏينداسين، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ماضي ۾ ٻاهران قرض کڻي پاور پراجيڪٽ ڪميشن کائڻ جي لاءِ لڳايا ويندا رهيا، اهو آسان طريقو آه??، هن چيو ته انهن معاهدن سان جنهن لاڳت تي بجلي پيدا ٿيندي آه?? ان تي صارفين کي نٿا ڏئي سگهون جي??ڏه?? قيمتن ۾ اضافو ڪريون ٿا ته ماڻهو گو?? ڪندا آه??، پاڪستان ۾ 50 هزار ميگاواٽ پن بجلي جي صلاحيت موجود آه??، پر ان تي ڪم نه ڪيو ويو، هن چيو ته گردشي قرض جي بنيادي سبب پيداواري لاڳت ۽ وڪري جي اگهه ۾ فرق آه??.