اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آ??ي ته اسان کي دنيا ۾ پاڪستا?? جو مثبت ۽ روشن تشخص روشناس ڪرائڻو آهي، ان ڏس ۾ اطلاعات واري وزارت جي آفيسر?? جو ڪردار بنيادي حيثيت رکي ٿو، انفارميشن گروپ ۽ ميڊيا تربيت جي عمل ۾ وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ انفارميشن سروسز اڪيڊمي کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي جديد سهولتن سان ليس ڪيو ويندو. اهڙن خيال?? جو اظهار هن انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ انفارميشن گروپ، گريڊ 18 جي آفيسرن جي لاءِ ڊ??مي?? اسپيسيفڪ مڊ ڪيريئر ڪورس جي پاس آئوٽ ٿيندڙ آفيسرن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.