ا??لا?? آباد – 11 ??ار?? (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي عو??م جي محرومين جي موثر ازالي لاءِ سڀني وفاقي وز??رتن جي سيڪريٽرين کي هر مهيني بلوچستان جو دورو ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان سلسلي ۾ وزيراعظم آفيس مان باقاعده حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي. حڪم نامي موجب بلوچستان صوبي جي عو??م کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ سڀني وفاقي وز??رتن جي سيڪريٽرين کي هر مهيني صوبي جو دورو ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته سڀئي وفاقي سيڪريٽريز هر مهيني گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو بلوچستان صوبي وڃن ۽ پنهنجي وز??رت، ڊويزن، اداري بابت معاملا ترج??ح بنيادن تي حل ڪن.