اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڇنڇر ڏينهن قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺندس، جيڪڏهن اعتماد جو ووٽ نه وٺي سگهيس ته اپوزيشن ۾ ويهي رهندس، پي ڊي ايم جا اڳواڻ ياد رکن آئون حڪومت ۾ هجان يا نه هجان م??ڪ جي غدارن جو مقابلو ڪندو رهندس، جيستائين زنده آهيان قانون جي بالادستي لا??ِ جدوجهد جاري رکندس، مون کي حڪومت وڃڻ سان ڪو به فرق نٿو پوي، ميثاق جمهوريت ۾ سينيٽ چونڊون اوپن ڪرائڻ تي اتفاق ڪندڙن سپريم ڪورٽ ۾ ان جي مخالفت ڪئي، انهن جو مقصد يوسف رضا گيلاني کي پئسن سان ڪامياب ڪرائي منهنجي مٿان عدم اعتماد جي تلوار لٽڪائڻ هو، عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته هن کي چورن جو ساٿ ڏيڻو آهي يا ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي، صرف قانون ڪرپشن ختم نٿا ڪري سگهن پر ان لا??ِ پوري قوم کي جدوجهد ڪرڻي پوندي. قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سينيٽ جي ٿيندڙ چونڊن تي آئون پنهنجي قوم سان ڳالهائڻ چاهيان ٿو، ان جي باري ۾ قوم کي سمجهائڻ ان لا??ِ ضروري آهي ته جيڪڏهن کين ان چونڊ جي سمجهه اچي وڃي ته ملڪ جا سمورا مسئلا سمجهي ويندا. وزيراعظم چيو ته ساڍا 6 سال په??ين خيبرپختونخوا ۾ جڏهن اسان جي حڪومت هئي تڏهن اسان کي خبر پئي ته سينيٽ چونڊن ۾ پئسو هلندو آهي ۽ اهو ڪم 40 سالن کان هلندو پيو اچي، تڏهن اسان م??م هلائي ته ملڪ ۾ اها ڪهڙي سياست هلي رهي آهي، پارليامنيٽ جا ميمبر ئي وزيراعظم، وڏن وزيرن، سينيٽ چيئرمين سميت اعليٰ عهديدارن تي فائز ٿيندا آهن، تڏهن اهو اسان جي لا??ِ حيرت انگيز هو ته ميمبر ووٽ وٺي سينيٽر چونڊرائيندا آهن ۽ سينيٽر پئسا ڏئي ووٽ وٺندا آهن، اها ڪهڙي جمهوريت آهي، تڏهن اسان اوپن بيلٽنگ جي مهم هلائي، 2018ع جي سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ وڪرو ڪندڙ پنهنجي 20 ميمبرن کي پارٽي مان ڪڍيو. هن چيو ته اسان م??ثاق جمهوريت ۾ به مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي وچ ۾ سنيٽ چونڊون اوپن بيلٽنگ سان ٿيڻ جو معاهدو ٿيو، انهن جي اعليٰ عهديدارن جا ان جي حمايت ۾ بيان آيا، اسان ان حوالي سان سينيٽ ۾ قانون آندو تنهن هوندي به اسان کي انهن پارٽين جي حمايت نه ملي، پوءِ اسان اهو معاملو سپريم ڪورٽ کڻي وياسين، ان دوران 2018ع جي سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ خريد ڪرڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جي وڊيو سامهون اچي وئي، معلوم ناهي ته سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن ڇو اوپن بيلٽ جي خلاف ويو. سپريم ڪورٽ بار بار چيو ته شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي آئيني ذميواري آهي، سپريم ڪورٽ ۾ پي ڊي ايم جون سموريون پارٽيون ڳجهي بيلٽنگ جي حق ۾ ٿي ويون، په??ين اهي اوپن بيلٽنگ جي حق ۾ هيون، آئون اهو سوال پڇڻ چاهيان ٿو ته په??ين اهي اوپن بيلٽنگ جي حق ۾ هيون پوءِ اچانڪ ڇو ڳجهي ووٽنگ جي حق ۾ ٿي ويون. جڏهن م??ثاق جمهوريت تي صحيحون ڪيون ويون تڏهن ڇو ان جي حق ۾ هئا.