اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تعليم لاءِ ترقياتي بجيٽ وڌائڻ لاءِ تجويزون طلب ڪ??دي چيو آهي ته قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ جديد علم جي تدريس نهايت اهم آهي، ان لاءِ عالمي معيار جي ادارن جو قيام بهترين قدم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نالج اڪانومي بابت اجلاس جي صدارت ڪ??دي ڪيو، اجلاس ۾ منصوباب??دي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر، خاص مددگار ڊاڪٽر معيد يوسف، نالج ٽاسڪ فورس جي وائيس چيئرمين ??اڪٽر عطاءُ الرحمان ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان وزيراعظم کي هري پور هزاره ۾ پاڪستان آسٽرين يونيورسٽي آف اپلائيڊ سائنسز اينڊ انجنيئرنگ جي اڍائي سالن جي رڪارڊ مدي ۾ تڪ??يل جي حوالي سان آگاهه ڪيو، منصوبي جي منظوري 2018ع ۾ ٿيڻ کانپوءِ ??ن جي تڪ??يل ۽ ڪلاسن جو آغاز سيپٽمبر 2020ع ۾ ٿي چڪو، يونيورسٽي 8 عالمي (3 آسٽرين، 5 چيني) يونيورس??ين سان ڳنڍيل آهي جتي مقامي شاگردن کي اعليٰ تعليمي سهولتون ۽ جديد علم پڙهايو پيو وڃي، ان کانسواءِ وزيراعظم کي عالمي سطح تي مستقبل ۾ نهايت اهميت رکندڙ 12 جديد ٽيڪنالاجيز جي تعليم ۽ ترويج لاءِ حڪمت عملي تي به بريف ڪيو ويو.