اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان 12 سيپٽمبر 2020ع کا انٽرا اف??ان ڳالهيون شروع ڪرڻ جي اعلان جي آجيان ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آخرڪار اسان جي گڏيل ڪوششن رنگ لاتو آهي جنهن جو اف??ان عوام کي ڪيترن ئي سالن کان انتظار هو، هن چيو ته تقريبن 40 سالن تائين اف??انين مسلسل تڪرارن ۽ رتوڇاڻ کي منهن ڏنو آهي، هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي واقعن، قيمتي جانين جي نق??انن ۽ وڏي معاشي نق??انن کان آگاهه آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته مون هڪ ڊگهي عرصي کان اها ڳ??لهه واضح ڪندو آيو آهيان ته اف??انستان ۾ تڪرارن جو ڪو فوجي حل نه آهي، ۽ تڪرارن کي صرف سياسي ڳالهين جي ذريعي ئي حل ڪري سگهجي ٿو، هن چيو ته پاڪستان اڻٿڪ ڪوششن سان اف??ان امن عمل ۾ مدد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اڄ اهو وقت اچي پهتو آهي، هن وڌيڪ چيو ته اڄ اسان تمام گهڻي خوشي محسوس ڪريون ٿا ته اسان ان حوالي سان پنهنجي ذميداري پوري ڪئي آهي