اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريش?? چيو آه?? ته مخالف ڌر پاران نيب قانونن ۾ تجويز ڪيل ترميمون تحريڪ انصاف جي م??شو?? جي خلاف آهن، عمران خان واضح ڪيو آه?? ته بدعنواني تي ڪو ٺاهه نه ٿو ٿي سگهي، سياست ۾ دروازا بند ناهن ٿيندا، مخالف ڌر تنگ نظري جو مظاهرو نه ڪري، نيب قانونن ۾ 10 سالن تائين ترميمن تي اتفاق نه ٿي سگهيو، هاڻي مخالف ڌر چاهي ٿ?? ته 10 ڪلاڪن ۾ ترميمون ٿين، مخالف ڌر نيب قانونن ۾ ترميمون ايف اي ٽي ايف ۽ ڪرپشن جي نظر سان ڏسي، مخالف ڌر کي اپيل آه?? ته پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ جي قانونسازي ۾ ڪردار ادا ڪري، نيب تي مخالف ڌر جون ترميمون جيڪڏهن مڃيون وڃن ته پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف مان سهولت نه ملي سگهندي، مخالف ڌر عمران خان يا حڪومت نه پاڪستان جي مفاد ۾ لچڪ جو مظاهرو ڪري. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريش?? چيو ته پاڪستان ڪجهه عرصي کان ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ اچي ويو هو، تحريڪ انصاف جي حڪومت کان اڳ ملڪ ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ اچي ويو. گذريل حڪومتن جي ڪوتاهين جي ڪري ملڪ گري لسٽ ۾ ويو. ڀارت پاڪستان کي بليڪ لسٽ ڪرائڻ جي لاءِ سازش ڪري رهيو آهي ته ج??ئن پاڪستان جي معيشت تباهه ٿي وڃي. پاڪستان جو روانگي واپار ختم ٿي وڃي، پاڪستان تي سخت ترين پابنديون لڳايون وڃن. پاڪستان جي سفارتڪاري پنهنجي ووٽ ۽ سڌارن جي حوالي سان قدم کنيا.