اسلام ??باد – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان کي اندرون سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن جي مشڪلاتن جو پورو احساس آهي، اهو ئي سبب آهي جو وفاقي حڪومت احساس ڪيش پروگرام ۾ سنڌ جي لاءِ اضافي فنڊز رکيا آهن، تحريڪ انصاف جا ڪارڪن پنهنجي لاڳاپيل علائقن ۾ ڪور??نا وبا کان بچڻ جي احتياطي تد??يرن جي حوالي سان ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻي ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن سان ملا??ات ۾ ڪيو. ڪارڪنن وزيراعظم جي اندرون سنڌ دورو ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو. غريب ۽ مزدور طبقي ??ي ڪفالت لاءِ اندرون سنڌ ۾ احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام ??اري ڪرڻ تي ڪارڪنن وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو.