اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) حڪومت ضرورت جي شين کانسواءِ تعميرات سان لاڳاپيل ڪاروبار ۽ دڪان کولڻ جي اجازت ڏيڻ جو ف??صلو ڪيو آهي، شام 5 وڳي دڪان بند ڪرڻا پوندا، مخصوص او پي ڊيز به کوليون وينديون، تعليمي ادارا بند رهندا. وزيراعظم عم??ان خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ ڏيندي منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عم?? چيو ته اجلاس ۾ 6 شين تي اتفاق ٿيو آهي، ڪنسٽرڪشن ۽ ننڍا دڪان کولڻ تي اتفاق ٿيو آهي، سحري کانپوءِ شام 5 وڳي تائين دڪان کولڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، رات جو دڪان بند رکڻ جو ف??صلو ڪيو ويو آهي، مخصوص او پي ڊيز به کولڻ جو ف??صلو ٿيو آهي، تعليمي ادارن جي بندش ۾ واڌ جو ف??صلو ڪيو ويو آهي.