اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته خو??جه آصف جو بيان ڀريل پيٽ فارسي ڳالهائڻ جي برابر آهي، خو??جه صاحب کي غريبن جو احساس نه آهي نه ته اهو بيان نه ڏي ها، پوري قوم معيشت جي خرابي جو ذميوار ماضي جي ڪرپٽ حڪمرانن کي سمجهي ٿ??، معيشت ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ خو??جه صاحب پنهنجي قيادت کي راضي ڪري ته اها ٻاهرئين ملڪ رکيل پنهنجو سرمايو ??اڪ??تان واپس آڻين. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پنهنجي بيان ۾ چيو ته وزيراعظم عمران خ??ن قوم ۽ ملڪ جي مفاد ۾ فيصلا ڪري رهيو آهي، هو پهرين ڏينهن کان هڪڙي ڳالهه چئي رهيو آهي ته قوم کي ڪورونا کان به محفوظ رکڻو آهي ۽ انهن کي بک کان به بچائڻو آهي.