اسلام آباد – 04 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ڪرونا وا??رس بابت عوام کي آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ ميڊيا جي ذميواراڻي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته ڪرونا وا??رس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۾ ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهميت رک??دڙ آهي، اولهه ميڊيا جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني ميڊيا ڪرونا وا??رس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي ل??ءِ آگاهي مهم ۾ انتهائي ذميواراڻي رپورٽنگ ڪئ?? آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اڻوڻ??دڙ حالتن جي باوجود ميڊيا جي فرنٽ لائين تي رپورٽنگ ساراهه جوڳي آهي، ڪرونا وا??رس جي روڪٿام ل??ءِ ميڊيا جي ذميواراڻي ڪردار کي سدائين ياد رکيو ويندو، ميڊيا عوام کي صحيح معنيٰ ۾ وا??رس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ بابت احتياطي تدبيرن کان آگاهه ڪيو آهي، ٽاڪ شوز ذريعي عالمي ماهر ڊاڪٽرن جي ڪارائتن مشورن سان عوام ۾ وا??رس بابت شعور اجاگر ٿيو آهي.