ڪوالالمپور – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قانون جي حڪمراني پاڪستان ۾ وڏو مسئلو رهيو آهي، بااثر ماڻهن، هڪ ??ٺي گروپ ۽ سياسي مافيائون پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهن ٿيون ۽ مرضي سان قيمتون وڌائي ڇڏين ٿا ۽ غريب جو استحصال ڪن ٿا، پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ اسان کي ان جو مق??بلو ڪرڻو آهي، مهاتير محمد اسان جي لاءِ رول ماڊل آهي، ملائيشيا جو معاشرو تح??ل ۽ برداشت سان مالامال آهي، ڪوالالمپور سربراهه اجلاس جو مق??د سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبيا جو گڏيل مق??بلو ڪرڻ هو، مسلمان دنيا جي قيادت اولهه کي اسلام ??و حقيقي چهرو ڏيکارڻ ۾ ناڪام ??هي آهي، انتهاپسند پروپئگنڊه جي ذريعي نوجوانن کي گمراهه ڪيو پيو وڃي، دهشتگردي جو اسلام ??ان ڪو تعلق نه آهي. انسٽيٽيوٽ آف ايڊوانس اسلامڪ اسٽڊيز ۾ اهم خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان بابت قائداعظم محمد علي جناح جو ويزن منهنجو ويزن آهي.