اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ سرڪاري يونيورسٽين تائين پرڏيهي وزارت جي پهچ جي هڪ حصي جي طور تي گوادر يونيورسٽي جي شاگردن پرڏيهي آفيس جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب هنن نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر محمد اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي. ترجمان ممتاز زهره بلوچ شاگردن کي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي مختلف رخن تي بريفنگ ڏني.