اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏکڻ وزيرستان جي علائقي انگور اڏا ۽ ضلعي ڊيره اسماعيل خان جي علائقي ۾ دهشتگردن سان ??قابلي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي برگيڊيئر مصطفيٰ ڪم??ل برڪي، حوالدار محمد اظهر اقبال، نائيڪ محمد اسد ۽ سپاهي محمد عيسيٰ کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??و??ب وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي جي دعا ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردن جو بهادري سان ??قابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ شهيد?? کي سلام پيش ڪريان ??و، پوري قوم پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي.