اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻارن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ کانسواءِ ملڪي ترقي جو خواب پورو نه ٿو ٿي سگهي، ڏورانهن علائقن ۾ تعليم جي فروغ لاءِ ”اسڪول آن ويلز“ جو منصوبو اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسڪول آن ويلز منصوبي ??ي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي تعليم وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان منصوبي ??حت شروعاتي طور تي 8 بسن تي اسڪول آن ويلز منصوبو اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي ٻارن کي موبائيل اسڪولز جي ذريعي تعليم فراهم ڪندو. وز??را??ظم اسڪول آن ويلز منصوبي کي ساراهيندي چيو ته ان منصوبي ??ان ڳوٺن ۾ ٻارن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته هو اميد ڪري ٿو ته اهي موبائيل اسڪولز ڳوٺن ۾ تعليم جو انقلاب آڻيندا ۽ ان سان هزارين لکين ٻار، جيڪي ڳوٺن جي گهٽين جي مٽيءَ ۾ گم ٿي وڃن ٿا، کي تعليم جي سهولت ملندي ۽ اهي پ??ڪس??ان جا عظيم معمار بڻجندا. وز??را??ظم چيو ته ان منصوبي ??و دائرو چئني صوبن بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير تائين ڦهلائڻ جو جائزو ورتو وڃي. ان سان وڏي ٻي ??ا قومي خدمت نه ٿي ٿي سگهي. وز??را??ظم چيو ته هو ان منصوبي ??ي شروعات تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪري ٿو. وز??را??ظم ان موقعي تي خصوصي طور تي ڊيزائن ڪيل بسن جو پڻ معائنو ڪيو ۽ استادن ۽ ٻارن سان پڻ ملاقات ڪئي. وز??را??ظم موبائيل لائبريري جي منصوبي کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته ان سان ڏورانهن علائقن جي ٻارن کي گهر جي در ??ي لائبريري جي سهولت ملندي. وز??را??ظم ان موقعي تي ٻارن سان گهلي ملي ويو ۽ انهن کان سوال جواب ڪيا.