اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي معلومات ويب سائيٽ و??ي پيڊيا کي فوري بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪندي اعت??اض جوڳو مواد هٽائڻ جي لاءِ 5 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??يراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري ڊاڪٽر توقير شاهه جي صحيحن سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. بيان موجب و??يراعظم اهو فيصلو ٽن رڪني وزارتي ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ ڪيو. ٽي رڪني ڪميٽي قانون ۽ انصاف، معاشي ۽ سياسي معاملن ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارن وفاقي وزيرن تي ٻڌل هئي. وزارتي ڪميٽي اجلاس منعقد ڪيو ۽ معاملي جو جائزو وٺندي چيو ته و??ي پيڊيا مفيد معلوماتي ويب سائيٽ آهي، شاگرد، محققين ۽ معاشري جا ٻيا طبقا ان مان فائدو کڻن ٿا، پوري ويب سائيٽ بند ڪرڻ مناسب نه آهي، اعت??اض جوڳي مواد کي هٽائڻ جا قدم کنيا وڃن. بيان موجب انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير ڪميٽي جو سربراهه هوندو، قانون ۽ انصاف، اطلاعات ۽ نشريات، ڪامرس ۽ ڪميونيڪشن جا وفاقي وزير ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ ??ام?? آهن. ضرورت موجب ڪنهن ٻاهر کي ڪميٽي ۾ ??ام?? ڪري سگهجي ٿو، ڪميٽي هڪ هفتي ۾ وفاقي ڪابينا کي رپورٽ پيش ڪندي. ڪميٽي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي و??ي پيڊيا تائين پهچ مڪمل بند ڪرڻ جي قدم جو جائزو وٺندي. ڪميٽي قدم تجويز ڪندي ته اعت??اض جوڳي مواد ??ي پابندي ۽ ان تائين پهچ کي روڪي سگهجي. ڪميٽي مذهبي طور تي حساس، مقدس ۽ اسان جي ڪلچر جي منافي مواد ??ي پابندي جي لاءِ طريقيڪار تجويز ڪندي. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ڪميٽي کي سيڪريٽريل خدمتون فراهم ڪندي.