اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) چي?? جي صدر شي جن پنگ پشاور ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ شهيد ٿي??دڙ?? جي پونئيرن سان تعزيت ۽ زخمي?? جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستا?? جي ڀرپور حمايت جاري رکڻ ۽ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چيني صدر شي جن پنگ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي نالي هڪ تعزيتي پيغام ۾ چيني حڪومت ۽ عوام پارا?? پشاور ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ شهيد ٿي??دڙ?? جي پونئيرن سان تعزيت ۽ زخمي?? جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. چي?? جي صدر پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو آهي ته چين دهشتگردي جي خاتمي جي قومي ايڪشن پلان کي فروغ ڏيڻ، سماجي استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ عوام جي سلامتي جي تحفظ جي لاءِ پاڪستا?? جي ڀرپور حمايت جاري رکندو ۽ خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ سلامتي جي گڏيل تحفظ جي لاءِ پاڪستان سان دهشتگردي جي خاتمي جي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. چيني وزيراعظم لي ڪي چيانگ پڻ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پشاور دهشتگرد حملي ۾ جاني نقصان تي تعزيتي پيغام ڏنو آهي. يڪجهتي جي اظهار تي وزيراعظم چيني صدر ۽ چيني وزيراعظم جا ٿورا مڃيا آهن.